جن چونڊ نه وڙهي انهن کي ڇو مخصوص سيٽون ڏجن؟ عمران وزيراعظم طور اليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿيو: سپريم ڪورٽ

جُون 25, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فل ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ سياسي جماعت طور وجود رکي ٿي ته ٻي جماعت ۾ شموليت ڇو اختيار ڪئي؟ پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجو قتل ڪيو آهي، مخصوص سيٽن بابت آئين بلڪل واضح آهي، آئين کان هٽي ڪري ڪو به جج فيصلو ڏئي نه ٿو سگهي، هن ملڪ جا بخيا ان ڪري اڊيڙيا ويا جو آئين تي عمل نه ٿو ٿئي، مون آئين تحت حلف کنيو آهي، پارليامينٽ ۾ وڃي آئين ۾ ترميم ڪرايو، وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي آئين موجب هلايو وڃي، 4 ججز ويهاري آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهجي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي لائيو ڏيکاري وئي،  چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته باني پي ٽي آءِ وزيراعظم هو هن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت آئين کي نظرانداز ڪيو، آزاد اميدوار ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جسٽس منصور علي شاهه صاحب چيو هو ته 80 سيڪڙو ماڻهو آزاد اميدوار ٿي وڃن ٿا ته ڇا 10 سيڪڙو وارين سياسي جماعتن کي سموريون مخصوص سيٽون ڏئي ڇڏينداسين؟ چيف جسٽس چيو ته جي بلڪل آئين اهو ئي چوي ٿو، ڪنهن جي مرضيءَ تي عمل ٿي نه ٿو سگهي، سني اتحاد کي ڪيئن سيٽون ملي سگهن ٿيون؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جن اليڪشن وڙهڻ جي زحمت ئي نه ڪئي انهن کي مخصوص سيٽون ڇو ڏنيون وڃن؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن تي سوال اٿاريا ويا، جيڪو ڪجهه 2018 ۾ ٿيو اهو هاڻي به ٿيو، جن پريس ڪانفرنسز نه ڪيون انهن کي کنڀيو ويو، ڇا سپريم ڪورٽ ان تي اکيون ٻوٽي ڇڏي؟ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، چونڊ نشان کسجڻ بعد پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه رهي، پر پوليٽڪل ان لسٽڊ پارٽي ته آهي، اليڪشن ڪميشن ان لسٽڊ پارٽي ته قرار ڏنو آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جن کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي اهي اسان جي آڏو آيا ئي نه، چيف جسٽس چيو ته جڏهن ضرورت پوي ٿي تڏهن اسان وٽ اچن ٿا، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور وجود رکي ٿي ته ٻي جماعت ۾ شموليت ڇو اختيار ڪئي؟ چيف جسٽس چيو ته  اليڪشن روڪرائڻ جي ڪوشش پي ٽي آءِ ڪئي، ڇا اسان پي ٽي آءِ کي چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرايو؟ اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ کي منٿون ڪيون ويون، ووٽر جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ساڍا 8 لک پي ٽي آءِ ميمبرن جو حق ڪيڏانهن ويو؟ ان وقت وزيراعظم پي ٽي آءِ جو باني هو، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طور به اليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو، چيف جسٽس چيو ته اوهان جو ڪيس سٺو هجي ها جيڪڏهن اوهان اليڪشن بعد پي ٽي آءِ جوائن ڪريو ها، سڀاڻي سني اتحاد ڪائونسل کي ڪنٽرول ڪندڙن جو موڊ بدلجي ويو ته اوهان ڪٿان جا به نه رهندا، چيف جسٽس وڪيل فيصل صديقي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سني اتحاد ڪائونسل جا وڪيل آهيو، پي ٽي آءِ جا نه، پي ٽي آءِ جي حق ۾ دليل مفادن جي ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا، سني اتحاد کان ته چونڊ نشان واپس ناهي ورتو ويو، اسان کي ڪنهن سياسي پارٽي يا حڪومت جي مفادن کي نه پر آئين کي ڏسڻو آهي، پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، چونڊ روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن تي آڱريون نه کڻو، سپريم ڪورٽ جي ٽئي رڪني بينچ چونڊ نه ڪرائي سگهي اسان چونڊن جي تاريخ ڏني هئي. چيف جسٽس چيو ته مشڪل سان ملڪ پٽڙي تي ايندو آهي ته پوءِ وري ڪير اچي اڏائي ڇڏيندو آهي، پوءِ وري ڪير بنيادي جمهوريت پسند بڻجي ويندو آهي، اسان جو آئين ئي پروگريسو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪا سياسي جماعت ناهي ۽ اليڪشن ناهي وڙهي ان جون مخصوص سيٽون ڪيڏانهن وينديون؟ جسٽس منيب اختر چيو ته منهنجي خيال ۾ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن کي مخصوص سيٽون ملي سگهن ٿيون، سني اتحاد کي مخصوص سيٽون ڏيڻ لاءِ طريقيڪار ڏسڻو پوندو. جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن موجب سني اتحاد ڪائونسل جو آئين عورتن ۽ غيرمسلم کي ميمبر نٿو بڻائي ڇا اهو درست آهي؟ وڪيل چيو ته عورتن لاءِ نه پر غير مسلم جي حد تائين اها پابندي آهي، چيف جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان جو جهنڊو ڏسو ان ۾ ڇا اقليتن جو حق شامل ناهي، قائداعظم جو فرمان به ڏسو، ڇا اوهان جي پارٽي جو آئين پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ناهي؟

Leave A Comment