”پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا“ پاڻي جي کوٽ خلاف شهدادڪوٽ، نئين ديري، گاجي کهاوڙ ۽ موهن جي دڙي ۾ مظاهرا، ڌرڻا
جُولاءِ 31, 2024
ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج آهن. ان ڏس ۾ شھدادڪوٽ ۾ آبادگارن مستوئي شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف عطاءَ الله مگسي، نعمت الله مگسي، وارث خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ آبپاشي ڪامورا هٿ وٺي سنڌ کي سڪائي رهيا آهن، ساريالو فصل توڙي ٻيجارو سڙي رهيو آهي. آبادگارن جو چوڻ هو ته سنڌ کي هٿ وٺي ڪڏهن ٻوڙي ته وري ڪڏهن سڪائي تباهه ڪيو پيو وڃي، پاڻي نه ملڻ ڪري زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. هوڏانهن گاجي کهاوڙ جي مڱيو شاخ ۽ کهاوڙ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن مشتاق کهاوڙ، سنتوش ڪمار، صدرالدين کهاوڙ، ذاڪر چنو احتجاج ڪندي چيو ته ارٿر بئراج مان نڪرندڙ مڱيو شاخ ۽ کهاوڙ شاخ ۾ پاڻي ڪونهي سارين جي مند گذرڻ تي آھي، هنن الزام لڳايو ته انجنيئر عزيز رحمان رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڏنو آهي. ٻئي طرف نئون ديرو ۾ آبادگارن دادو ڪئنال جي ريگيوليٽر ون وٽ پاڻي فراهم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ خدابخش ڦلپوٽو، موهل، عاربي – ڳوٺ ڪلهوڙا، ڳوٺ بچل کهڙو، ڳوٺ ڌاتر آگاڻي، ڦلپوٽا ون سميت مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن امداد ڦلپوٽو، منور ڦلپوٽو، گلشاد ڦلپوٽو، بدرالدين موهل، بدرالدين کهڙو احتجاج ڪندي چيو ته دادو ڪئنال ۾ زرعي پاڻي جي آبپاشي عملدار هٿرادو طور کوٽ پيدا ڪري اسان پهرين ريگيوليٽر وارن جو پاڻي بند ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو آهي ۽ ريگيوليٽر جا دروازا ايف او لڳا پيا آهن. ڀٽو اسٽيٽ جي هارين سميت علائقي جي آبادگارن ۽ هارين جي 3 هزار ايڪڙ زمينون سڪي سڙي رهيون آهن ۽ اسان ساريالو فصل به پوکي ناهيون سگهيا.هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي زمينن ۾ فصل پوکڻ لاءِ پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته آبپاشي عملدارن خلاف روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻا هڻنداسين. هوڏانهن آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او نديم جعفري ٻڌايو ته سکر بئراج تي پاڻي جي دٻاءُ سبب پاڻي کي روڪي نٿا سگهون ان ڪري پاڻي اڳتي ڇوڙ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن دروازا بند ڪنداسين ته بئراج تي دٻاءُ وڌي ويندو ان ڪري اسان مجبور آهيون. 2 – 2 ڏينهن جي وقفي سان آبادگارن کي پاڻي جي سطح ۾ واڌارو ڪري ڏئي سگهون ٿا، ان ڪري هاڻي آبادگارن کي وارابندي سان پاڻي ڏنو ويندو. مظاهرين احتجاج دوران نديم جعفري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين وارابندي سان پاڻي ڏيڻ بابت خاطريون ڪرايون پر مظاهرين وارابندي سان پاڻي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي موهن جو دڙو ڀرسان دادو ڪئنال جي ٽاٽڙي ريگيوليٽر وٽ آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف امام بخش ٻگهيو شاهنواز جهتيال اشرف ڪسر عاشق ٽاٽڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان ڏس ۾ ايريگيشن کاتي پاران هٿرادو پاڻي جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي دادو ڪئنال مان نڪرندڙ 9 شاخن خيرو جهتيال، گهانگهرڪو، جکرا، سِرائي ٻٽ، ٽاٽڙي ريگيوليٽر، هسباڻي، ڪاراڻي، ويهڙ ۽ فتح پور شاخون بند ڪري ڇڏيون آھن. جنهن سبب 6 هزار ايڪڙ تي مشتمل زرعي آبادي تي ڪجه پوکيل فصل سڙي سُڪي رهيو آهي ته ڪٿي پاڻي جو ڍُڪ به ناهي.آبادگارن ايريگيشن کاتي جو صوبائي وزير سيڪريٽري آبپاشي کي اپيل ڪئي آھي ته بنادير نوٽيس وٺي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي.