اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 12 خارجي دهشتگرد مارجي ويا: 6 جوان شهيد

سيپٽمبر 20, 2024

اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 12 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، دليراڻي ويڙهه ڪندي سيڪيورٽي فورسز جا 6 جوان به شهيد

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جا 2 واقعا پيش آيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي

دهشتگردن جو گروپ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو

سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب گهيري دوران 7 ئي خارجي دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جي ترجمان موجب چڪرين جو ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو

خارجي دهشتگردن جي گروپ لڌا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز جي دليراڻي جوابي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا

Leave A Comment