ورڪشاپ ڀرسان فصل جي ڀيل تان وڏيري اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي، جانور جي اکين ۾ لڙڪ، رڙيون

جُون 15, 2024

ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ڀرسان فصل جي ڀيل تان جوابدار اٺ جي ڄنگهه وڍي ڇڏي، اٺ اکين مان لڙڪ لاڙيندو رهيو، سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل، پوليس الزام هيٺ آيل وڏيري کي گرفتار نه ڪري سگهي، خبر موجب ڳوٺ نندو خان شر ۾ وحشي جوابدار فصل جي ڀيل تان اٺ جي ڄنگهه وڍي ڇڏي، اٺ جو مالڪ ڀاڳيو سومر بھڻ اٺ جي وڍيل ڄنگهه کڻي پريس ڪلب ورڪشاپ پهتو، جتي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس اٺ جھنگ ۾ چرندو ھو، ڪالهه صبح جو جيئن ئي اٺ جي سار سنڀال لڌي ته هو نه مليو، بعد ۾ ڳولا بعد اٺ مقامي وڏيري غلام رسول شر جي زمين ۾ پيل مليو، جتي سندس هڪ ڄنگهه ڪٽيل هئي، اٺ جي وڍيل ڄنگھه جو رت ان زمين تي موجود ھو، هن چيو ته آئون مسڪين مالوند ماڻهو آھيان، منهنجي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناھي، خبر ناھي ڪنهن ظالم بي زبان اُٺ سان اھڙو ظلم ڇو ڪيو، هن ٻڌايو ته مان اھڙي شڪايت کڻي منڍ جمڙائو ٿاڻي تي ويس جتي پوليس مون کي کڻي منگلي ٿاڻي تي آڻي اڇي پني تي صحيون وٺي واپس روانو ڪري ڇڏيو، آئون اڻ پڙھيل آهيان، خبر ناھي پني تي ڇا لکيل ھو، مون کان صرف آڱوٺي جا نشان ورتا ويا، هن مطالبو ڪيو ته اٺ جو پير ڪٽيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سوشل ميڊيا تي زمين مالڪ پ پ اڳواڻ تي سخت تنقيد

ورڪشاپ: سوشل ميڊيا تي زمين مالڪ پ پ اڳواڻ ۽ مقامي وڏيري غلام رسول شر تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا صارفين پنهنجي پوسٽن ۾ لکيو آهي ته واقعي ۾ مقامي وڏيرو ملوث آهي، جنهن جي چرچ تي بي زبان جانور اُٺ جو پير وڍيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

علائقي ۾ ڪجهه سال اڳ ڳئون جي ڄنگهه به وڍي وئي هئي

ورڪشاپ: ڪجھه سال اڳ گوجي موڙ اسٽاپ لڳ فصل جي ڀيل تان ڳئون جي ڄنگھه پڻ وڍي وئي ھئي، جيڪو مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ھو، جيڪو بعد ۾ راڄوڻي بعد مامرو حل ٿيو ھو.

Leave A Comment