ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز دنيا جي انهن بيمارين مان هڪ آهي, جيڪا اڃا تائين انسانيت لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي. وائرس ايڇ آءِ وي يعني ھيومن اميونو ڊيفيشنسي وائرس (انسان جي قوت مدافعت نظام کي ڪمزور ڪرڻ وارو وائرس) پهريون ڀيرو 1981ع ۾ آمريڪا ۾ ظاهر ٿيو، ۽ 1983ع ۾ سائنسدان ان کي باقاعده سڃاڻپ ڏني. تحقيق ٻڌائي ٿي ته وائرس جو اصل سلسلو آفريڪا جي وچولن علائقن مان انسانن تائين منتقل ٿيو، جتي رت وارا رابطن جا عمل ان کي تيزي سان پکڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. جڏهن وائرس جسم ۾ داخل ٿئي ٿو، ته اهو انساني مدافعتي نظام يعني بيمارين سان وڙھڻ وارو نظام يا بچاء واري ديوار تي حملو ڪري “سي ڊي فور” حفاظتي سيل کي تباهه ڪري ٿو. اھو نظام جسم کي بيمارين کان بچائڻ جو بنياد آهي. جيئن جيئن حفاظتي سيل ختم ٿين ٿا، انسان معمولي بيمارين کان به محفوظ نٿو رهي. پوء ننڍي کان ننڍي بيماري وڏي بيماري جو سبب بڻجي وڃي ٿي. ھن وائرس کي خوفناڪ وائرس ان ڪري بہ چئون ٿا، جو ھڪ تـ قوت مدافعت يعني سڌو حملو بچاء واري نظام تي ڪري ٿو. ھي وچڙندڙ، يعني ھڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ منتقل ٿئي ٿو ۽ ناقابل علاج آھي ان ڪري خطرناڪ آھي.ابتدائي ڏينهن ۾ ايڇ آءِ وي جون علامتون عام فلو، ٿڪاوٽ ۽ ڳلي ۾ سور وانگر محسوس ٿين ٿيون، جن کي گهڻا ماڻهو نظرانداز ڪندا آهن. پر وائرس وقت سان وڌي ويندو آهي ۽ بيماري جتي ظاهر ٿيندي آهي ته وزن گھٽجڻ، رات جو گهڻو پگھر اچڻ، چمڙي تي داغ، ڦڦڙن ۾ مسئلا، دست، ۽ جسماني ڪمزوري سامهون ايندي آهي. وائرس جي پکڙجڻ جا وڏا سبب غيرمحفوظ جنسي تعلق، هڪ ٻئي جي سرنج لڳائڻ، اڻ چڪاسيل رت لڳائڻ‚ طبي اوزار گرم پاڻي سان ٺيڪ نموني نـ ڌويڻ، نڪ ڪن ٽوپڻ لاء جسم ۾ سوراخ ڪرڻ وقت ساڳيو اوزار استعمال ڪرڻ، ذاتي صفائي جا اوزار مثال ساڳيو بليڊ استعمال ڪرڻ ۽ ماءُ کان ٻار ڏانهن منتقل ٿيڻ پڻ آھن. اگر ماء کي ايڇ آء وي پازيٽو ھجي تـ ماءُ کان ٻار ڏانهن حمل دوران، ڄمڻ وقت ۽ ماءُ جي کير پيارڻ دوران وائرس منتقل ٿي سگهي ٿو.
دنيا ۾ هر سال پهرين ڊسمبر تي عالمي ايڊز ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جتي شعور، احتياط ۽ متاثر ماڻهن سان ڀائيچارو وڌائڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. منهنجي ذاتي تجربي ۾ مون 2013ع ۾ گلوبل فنڊ رائونڊ 9 تحت ميرپورخاص ۾ ٻن فلاحي ادارن جي گڏيل منصوبي ۾ ڪم ڪندي ڏٺو ته ماڻهو وائرس کان وڌيڪ سماجي شرم، خوف ۽ نفرت کان ڊڄن ٿا. هڪ صاف سرنج، باقاعده ٽيسٽ محفوظ جنسي تعلقات جھڙن احتياطن سان زندگي بچائي سگهجي ٿي، پر سماجي غلط فهمي ۽ ناپسنديده رويو ڪيترن لاءِ خطري جو سبب بڻجي ٿو. ايڊز هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن کان بچاءُ موجوده دور ۾ ممڪن آهي. محفوظ رويي، معلومات، سماجي همدردي ۽ ٽيسٽ ئي اصل طاقت آهن، جيڪي وائرس کي انساني زندگيءَ لاءِ گهٽ خطرو بڻائين ٿيون. انساني شعور، سجاڳي ۽ همت سان ئي دنيا ۾ ايڊز جي وبا تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو، ۽ اهو ڪم هر فرد جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي حفاظت ۽ ٻين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.