عالمي بينڪ پاران خساري ۾ هلندڙ ادارن کي شعبن ۾ ورهائڻ جي تجويز

اپريل 8, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن يا اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (ايس او ايز) جي مسلسل خساري ۽ نجڪاري واري معاملي تي ادارن کي شعبن ۾ تقسيم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. عالمي بينڪ جو چوڻ آھي ته ايس او ايز پورٽ فوليو 2016 کان مسلسل خساري جو شڪار آھي. وفاقي حڪومت سرڪاري مليڪتي ادارن کي مالي مدد فراھم ڪندي آھي. سرڪاري ملڪيتي ادارن جي مالي خرچن کي گھٽ ڪيو وڃي. عالمي بينڪ مطابق ڪارپوريٽ گورننس ۽ مالياتي ڊسپلين جي پاليسي لاڳو ڪئي وڃي. بورڊز جو پرفارمنس ايگزيمنٽس جو قيام به ضروري آھي.

Leave A Comment