دنيا ۾ هر سال ”ٻارن جو عالمي ڏينهن“اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته ٻار سماج جو سڀ کان وڌيڪ معصوم، بي وس ۽ حساس حصو آهن، جن جي حفاظت، تعليم، عزت، خوشي ۽ مستقبل جي ذميواري رڳو والدين جي نه پر رياست، حڪومت، قانون ۽ معاشري ۽ هر ان فرد تي عائد ٿئي ٿي، جيڪو پاڻ کي ذميوار شهري سڏائي ٿو. پر ٻارن جي عالمي ڏينهن تي هر سال هڪڙو ئي سوال اسان جي اڳيان ڪر کڻي بيهي رهي ٿو ته ڇا اسان جا ٻار محفوظ آهن؟ سوال سادو آهي، پر ان جو جواب خوفناڪ حد تائين ڏکيو آهي.
ٻار ڪنهن به قوم جا ھجن، اهي نازڪ ۽ لطيف گل آهن، جن جي سار سنڀال، واڌ ويجھ ۽ بقا رڳو گهر وارن جي ڌيان سان نه، پر رياستي سرپرستي، بهتر نظام ۽ محفوظ ماحول سان ڳنڍيل هوندي آهي. جيئن تيز سج يا موسمي هوائون گلن جا رنگ ڦٽائي ڇڏين ٿيون، ساڳي ريت صحت، تعليم، تحفظ ۽ بنيادي سهولتن کان محروميون ٻار جي شخصيت کي اندر ئي اندر ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏينديون آهن. دنيا جا سڌريل يا اڳڀرا معاشرا اهو سچ گهڻو اڳ سمجهي چڪا آهن، تنھن ڪري 1925ع ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جو ڏينھن ملهايو ويو ۽ پوءِ گڏيل قومن 20 نومبر کي ٻارن جي عالمي ڏهاڙي طور سڃاڻپ ڏني. هي ڏينھن رڳو ٻارن لاءِ رسمي يا نالي ماتر نه آهي، پر اهو دنيا کي ياد ڏيارڻ جو موقعو آهي ته ٻار جي ننڍپڻ جو هر گذرندڙ پل پوري زندگيءَ تي اثر ڇڏيندو آهي. پاڪستان به هر سال 20 نومبر کي ٻارن جي عالمي ڏينهن طور ملهائي ٿو، پر افسوس جو زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ان ڏھاڙي جي حوالي سان تقريبون ته منعقد ٿين ٿيون، پر ٻارن جي مستقبل لاءِ ضروري بنياد اڃا تائين ڪمزور آهن. گذريل سال وانگر هي سال به پاڪستاني ٻارن لاءِ مشڪلاتن، محرومين ۽ آزمائشن سان ڀريل رهيو. ناخواندگي، بيماريون، تحفظ جي کوٽ ۽ پورھئي وارو بوجھ ٻارن مٿان اڃا تائين برقرار آهي.
پاڪستان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارن تي مشتمل آهي، پر افسوس جو دنيا ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان اسان جو شمار پوئتي پيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو. قانون سازي ۽ بين الاقوامي معاهدن ۾ شموليت باوجود اسان عملي قدم کڻڻ ۾ پوئتي آهيون. 1990ع ۾ پاڪستان ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي صحي ته ڪئي، پر ٽي ڏهاڪا گذرڻ باوجود تعليم، صحت ۽ تحفظ جا بنيادي واعدا اڃا تائين اڌورا آهن. ملڪي سطح تي 40 سيڪڙي کان وڌيڪ ٻار اسڪول نٿا وڃن، جڏهن تہ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ خطري جي حد تائين پهتل آهي. يونيسيف جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ٻار موسمياتي تبديلين جي شديد ترين خطري هيٺ آهن. گرمين، سردين، ٻوڏ ۽ برساتن سبب فصلن جي تباهي ڪري سڌي طرح ٻارن جي صحت، خوراڪ ۽ تعليم کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن سال به ڪيترن ئي ضلعن ۾ اسڪول بار بار بند ٿيا، جنهن سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿيو.
پاڪستان ۾ اڪثر ٻار جسماني ۽ ذهني تشدد جو شڪار ٿين ٿا۔ تحقيق موجب 80 کان 85 سيڪڙو ٻار زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي مارڪُٽ، تذليل يا سخت ذھني دٻاءُ کي برداشت ڪن ٿا، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي 2027ع تائين ٻارن تي تشدد جي خاتمي جو واعدو ڪري چڪو آهي، پر حقيقي صورتحال ان جي ابتڙ ڏسڻ ۾ پئي اچي. ان سان گڏوگڏ جنسي ھراسمينٽ ۽ بدفعليءَ جا واقعا به تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. گهر هجن يا مدرسا، گهٽي، پاڙو هجي يا پارڪ، ايستائين جو اسڪول به ٻارن لاءِ محفوظ ناهن۔
دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ پڻ صورتحال کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو آهي، خاص ڪري پوليو ورڪرن تي حملن سبب ڪيترائي ٻار صحت جي اھم بنيادي سهولت کان به محروم رهيا آهن۔ معاشي بحران به ٻارن جي جبري پورهئي ۾ خطرناڪ واڌارو آندو آهي. ترقي يافته دنيا جتي ٻار کي تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻائي رهي آهي، اُتي پاڪستان ۾ لکين ٻار چانھ جي هوٽلن، مسترين جي ورڪشاپن، ننڍن ڪارخانن، گهرن، ڍورن ڍڳن جي سنڀال ۽ ٻني ٻاري جو پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. جتي ٻارن جي تحفظ لاءِ نه تہ جوڳي نگرانيءَ جو بندوبست آهي، نه ئي کين قانون جو ڪو سھارو مُيسر آهي. گھريلو ملازمت تي لڳل ننڍڙا ٻار صبح کان شام تائين محنت ڪن ٿا، پر سندن ڪو به رڪارڊ موجود ناهي۔ ڪنهن به دور حڪومت ۾ اڄ ڏينهن تائين اهي جامع انگ اکر گڏ ناهن ڪيا ويا ته ملڪ ۾ ڪيترا ٻار مزدوري ڪن ٿا ۽ ڪھڙين حالتن ۾ ڪن ٿا۔
پاڪستان ۾ تعليمي نظام جي حوالي سان تازين رپورٽن موجب تقريبن اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جن مان 2 ڪروڙ ٻارن ته ڪڏهن اسڪول ڏٺو ئي ناهي۔ هي انگ اکر قومي ترقي لاءِ وڏي خطري جي گھنٽي آهن۔ پنجاب ۾ لڳ ڀڳ 96 لک، سنڌ ۾ 78 لک، ڪي پي ڪي ۾ 49 لک، بلوچستان ۾ 29 لک ۽ اسلام آباد ۾ لڳ ڀڳ 89 هزار ٻار تعليم کان محروم آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ٽي ڌار ڌار تعليم جا نظام رائج آهن، سرڪاري اسڪول، خانگي اسڪول ۽ مدرسا، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ ۾ ٻٽو تعليمي نظام آهي، جڏھن ته آئين جي شق 25-A رياست کي پابند ڪري ٿي ته 16 ورهين تائين هر ٻار کي مفت تعليم ڏجي، پر بجيٽ جي کوٽ، بدانتظامي ۽ ترجيحن جي غلط رٿابندي سبب اهو خواب اڄ تائين پورو ٿي نه سگهيو آهي.
پاڪستان ”ٻار جي صحت“ جي شعبي ۾ به شديد مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. کاڌ خوراڪ جي کوٽ، پيئڻ جو خراب پاڻي، ڪمزور مدافعتي نظام ۽ حفاظتي ٽُڪن جي محدود رسائي سندن بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هر سال هزارين ٻار پنجن ورهين جي عمر تائين به نه پهچي سگهندا آهن۔ نمونيا، دست، مليريا، خسرو ۽ ڄمڻ وقت پيچيدگيون سندن موت جا اهم سبب بڻيل آهن. ٻوڏون ۽ شديد موسمي حالتون خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ صحت جا مسئلا وڌيڪ آهن، جتي اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ بنيادي سهولتون اڳ ئي ناڪارا بڻيل آهن.
جووينائل جسٽس سسٽم هجڻ باوجود عدالتي نظام ۽ جيلن ۾ ٻارن سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ تہ اهي پڪا پختا ڏوهاري يا مجرم هجن۔ ننڍپڻ ۾ ئي هٿڪڙيون لڳائڻ، بالغ قيدين سان گڏ رکڻ ۽ تشدد يا جنسي استحصال جو خطرو سندن نفسيات کي هميشہ لاءِ مفلوج ڪري ڇڏيندو آهي. اصلاح گهر ۽ تربيت جا ادارا يا ته اڻلڀ آهن يا غير فعال، جڏهن تہ پروبیشن آفيسرن جو تعداد به گهٽ آهي۔ نتيجي طور هي ٻار سزا مڪمل ڪري به وڌيڪ ٽٽل وجود سان سماج ۾ واپس اچن ٿا. پاڪستان ٻارن جي حقن بابت ڪيترائي قانون ٺاهيا آهن، ”چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر ايڪٽ“ هجي يا ”چائلڊ ليبر پروهيبيشن ايڪٽ“، ڪاغذن ۾ ته سڀ ڪجھ موجود آهي. پر مسئلو انهن قانونن جي لاڳو ڪرڻ جو آهي، ادارن جي ڪمزوري، بجيٽ جي کوٽ، صوبائي ۽ وفاقي هم آهنگي جي اڻهوند ٻارن جي مستقبل جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمون مسلسل آواز اٿاري رهيون آهن، پر اصل تبديلي سرڪار جي عزم، سياسي ارادي ۽ صحيح انتظامي قدمن کان سواءِ ممڪن ناهي.
ٻارن جا مسئلا ضرور آهن، پر حل ناممڪن نه آهن. ضروري آهي ته تعليم کي قومي ايمرجنسي قرار ڏنو وڃي، هر ضلعي ۾ ٻارن جي بچاءَ ۽ تحفظ جا مرڪز فعال ڪيا وڃن، چائلڊ ليبر خلاف عدم برداشت (Zero Tolerance) پاليسي اختيار ڪئي وڃي، صحت جي بجيٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو وڃي، والدين ۽ ڪميونٽي ۾ شعور وڌائڻ لاءِ باقاعده مهم هلائڻ، موسمياتي تبديلين سان مُنهن ڏيڻ ۾ ٻارن کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. ٻار رڳو اسان جو مستقبل نه آهن، پر موجوده سماجي ذميواري به آهن. جيڪڏهن اسان انهن کي تعليم، صحت، تحفظ ۽ عزت ڏينداسين تہ پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو. جيڪڏهن نه ته اڄ جا اهي مرجهايل گل سڀاڻي هڪ ڪمزور، غير مستحڪم معاشري جي صورت ۾ اسان جي سامهون بيٺل هوندا.