سڄي دنيا ۾ ورلڊ ٽوائلٽ ڊي ملهايو ويندو آهي. اهو هڪ جاڳرتا ۽ يادگيري ڏيارڻ لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته محفوظ ڪاڪوس ۽ پيشاب ڪرڻ جي جاءِ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هر سال هڪ خاص پيغام يونائٽيڊ نيشنز طرفان ڏنو ويندو آهي. 2025ع ۾ صفائي اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي تحت اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. 2001ع ۾ هڪ ورلڊ ٽوائلٽ آرگنائيزيشن (WTO) نالي تنظيم هڪ مخير ماڻهو هلائيندو هو، جنهن جو نالو جيڪ سم هو، جيڪو سنگاپور سان تعلق رکندڙ هو. ان هن ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات ڪئي. صاف سٿرا ٽوائلٽ نه رڳو صاف ماحول لاءِ ضروري آهن پر هر انسان جي صحت سان ان جو سڌي طرح لاڳاپو آهي. اگر اهي ٽوائلٽ صحيح طريقي سان ٺهيل هجن ته جيڪو اسان جي زمين گندي ٿئي ٿي ۽ سرفيس واٽر جي هيٺان جيڪو تهه آهي، ان کي به محفوظ ڪري سگهجي ٿو. باحفاظت ٽوائلٽ ذريعي هر شخص باوقار نموني سان محفوظ جڳهه ۽ رازداري واري جڳهه تي پنهنجي فطري حاجت کان فارغ ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي. پاڪستان دنيا ۾ 7 نمبر تي آهي، جتي صاف ٽوائلٽ جون سهولتون گهڻي قدر ميسر نه آهن. 79-70 ملين ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ سهولتن وارو ٽوائلٽ به ميسر ڪونهي ۽ 25 ملين ماڻهن کي پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ کليل جڳهين تي وڃڻو ٿو پوي، جن ۾ درياهه ڪنارو، ٻنيون، ٻوٽا شامل آهن. اهڙي صورتحال جي ڪري اسان جو ماحول جيڪو اڳ ۾ ئي اسان وٽ آلوده آهي، سو وڌيڪ خراب ٿئي ٿو.
ماحولياتي آلودگي جي ڪري هر سال 35000 ٻار جيڪي 5 سالن کان ننڍي عمر جا ھوندا آھن، اهي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري وڃن ٿا. جنهن جو سبب خراب ماحول ۽ آلوده پاڻي آهي. انساني فضلي جنهن ۾ دست، مدي جو بخار، ڦڦڙن جي سوڄ، سائي ۽ ٻيا مرض شامل آهن، تن سان آب هوا خراب ٿئي ٿي ۽ انهن بيمارين جي ڪري خاندانن تي معاشي بار به وڌي ٿو. پاڪستان ۾ 2023-2022ع جي هڪ ڳڻپ مطابق 14 سيڪڙو ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ ٽوائليٽ جي سهولت ميسر نه هئي. 100 مان 59 ڇوڪريون جڏهن بلوغت تي پهچن ٿيون ۽ اهي 9- 6 ڪلاس ۾ هجن ٿيون ته وڏن اسڪولن ۾ به ٽوائليٽ جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ڇوڪريون پريشان ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته هن عمر ۾ ساڻن ماهواري جو مسئلو هجي ٿو ۽ جڏهن کين ماهواري اچي ٿي ته شرم ۽ حيا فطري ڳالهه بڻجيو پوي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن کين ڪپڙو يا بينڊ بدلائڻ جي ضرورت پوي ٿي ته هو محفوظ ٽوائليٽ نه هجڻ جي ڪري ويتر پريشان ٿين ٿيون. اسڪولن ۾ صاف پاڻي جي به اڻپوري سهولت هجي ٿي. پاڻي خراب هجڻ سان به ڇوڪرين کي پنهنجي صفائي جي ڪري مختلف جنسي مسئلا پيدا ٿين ٿا. اڪثر حالتن ۾ صاف پاڻي جي استعمال نه ٿيڻ جي ڪري خارش سميت ٻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرين جي ٻچيداني تي به اثرانداز ٿينديون آهن، جنهن سان منجهن اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به گهٽجيو وڃي. اسڪولن ۾ ٽوائليٽ جي بهتر سهولت نه هجڻ جي ڪري 55 سيڪڙو ڇوڪريون هر مهيني ماهواري جي ڏينهن ۾ اسڪولن مان موڪل ڪن ٿيون، جنهن سان سندن پڙهائي جو حرج ٿئي ٿو. پڙهائي جي حرج سبب کين يا ته وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي يا وري هو پنهنجي امتحان ۾ فيل ٿيو وڃن، جنهن سان سندن ذهني دٻاءُ ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
اسان ان ڳالهه تي به زور ڏئي رهيا آهيون ته عورتن لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا هجڻ گهرجن پر ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته عورتن لاءِ اسان روزگار واري جاءِ تي ڪهڙيون ۽ ڪيتريون سهولتون پيدا ڪري سگهيا آهيون. مون ڪيترين ئي ڇوڪرين ۽ عورتن سان جڏهن ان معاملي بابت ڳالهيو ته انهن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان جڏهن کليل جڳهين تي پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ وڃون ٿا ته اتي اسان کي جهنگلي جانورن، جيتن ۽ نانگ بلائن جي ڊپ بدران مردن جو خوف هجي ٿو. اسان اها ڳالهه ان ڪري ڪنهن سان ڪري نه سگهنديون آهيون جو ڪير اهڙي ڳالهه تي اعتبار نه ڪندو ۽ اسان جي اچڻ وڃڻ تي پابنديون لڳي وينديون. عورتون جڏهن اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيون آهن، تڏهن سرڪار کي گهرجي ته هو مردن سان گڏ عورتن لاءِ جدا ۽ محفوظ ٽوائليٽس جو بندوبست ڪري ته جيئن نه رڳو اسڪولن ۾ ويندڙ ڇوڪريون پر روزگار واري جڳهه ۽ عوام جي رش وارين جاين تي به کين محفوظ طريقي سان فطري حاجت پوري ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿي سگهي.