سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌڻ جي اڳڪٿي: پاڪستاني معيشت 3.5 شرح سان ترقي ڪندي: آءِ ايم ايف

جُولاءِ 18, 2024

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ (عالمي معاشي جائزه رپورٽ)جاري ڪري ڇڏي آهي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾  هلندڙ سال معاشي ترقي جي رفتار 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ معاشي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي. گذريل مالي سال پاڪستان ۾ معاشي شرح نمو 2 سيڪڙو رهي. عالمي معيشت هن سال 3.3 سيڪڙو شرح سان ترقي ڪندي. عالمي سطح تي مهانگائي بلند سطح تي رهڻ جو امڪان آهي.  آءِ ايم ايف عالمي سطح تي اناج جي قيمتن ۾ واڌ جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي. آءِ ايم ايف موجب پاليسي ريٽ ۾ سال جي ٻئي حصي ۾ لاٿ جو امڪان آهي.  عالمي معيشت لاءِ ايڪسٽرنل، فڪسل ۽ فنانشل خطرا موجود آهن. انرجي ۽ فوڊ پرائيسز لاڳيتو ڪورونا کان پهرين واري سطح تي اچي ويندا. عالمي سطح تي عام مهانگائي بلند سطح تي رهندي. هلندڙ سال ڀارت 6.5، چين جي جي ڊي پي 4.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

Leave A Comment