بدترين آمريت کان ڪمزور ترين جمهوريت گهڻي بهتر آهي: شرجيل انعام ميمڻ

مَي 13, 2024

بدترين آمريت کان ڪمزور ترين جمهوريت گهڻي بهتر آهي، ٻين جي ڪلهن تي چڙهي ايندڙ ماڻهو ٻين کي ڪنٽرولڊ جمهوريت جو موقعو ڏين ٿا، اهڙا ماڻهو تڏهن ختم ٿيندا جڏهن جمهوريت تسلسل سان هلندي رهندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي خاطر سمورين ڌرين سان گڏ ويهو: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس، شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ شخص ٻين جي ڪلهن تي ويهي لاهور اچي جلسو ڪري ٿو، کيس فرشتو بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو، آر ٽي ايس ويهاري کيس کٽايو وڃي ٿو، اهڙا ماڻهو ئي ڪنٽرولڊ جمهوريت جو موقعو ڏين ٿا، صدر آصف علي زرداري اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ منشيات جي خاتمي ۽ ڪچي ۾ امن امان بابت سخت هدايتون ڏنيون آهن، منشيات جي عادي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سنڌ ۾ بحالي مرڪز کولي رهيا آهيون، منشيات خلاف جهاد ۾ صحافي ساٿ ڏين، صحافين جون گرانٽس وڌائڻ لاءِ وڏي وزير کي گذارش ڪندس

Leave A Comment