توهان پي ٽي آءِ وارن تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهيو ٿا ته درخواست کڻي اچو، قانون اجازت ڏيندو ته فوري پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏينداسين: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

مَي 13, 2024

توهان پي ٽي آءِ وارن تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهيو ٿا ته درخواست کڻي اچو، قانون اجازت ڏيندو ته فوري پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏينداسين، ادارا ۽ سموريون ايجنسيون ويهي رهيون ته جلسو ڪيئن روڪيو وڃي، ٻيو جلسو ٿيو ته سڀ ستا پيا هئا، جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي ته اهو ئي ٻڌندا اچون ٿا ته ملڪ خطري ۾ آهي، مهذب ٿيڻ چاهيو ٿا ته سڀني لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهيو، ٻيا به ته جلسو ڪري ويا نه: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جا پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سخت رمارڪس، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پاران درخواست تي ٻڌڻي دوران گهرو کاتي ۽ ڊي سي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڊي سي پاران ڳجهي رپورٽ به عدالت ۾ پيش، چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته جڏهن چاهيو ڦٽاڪا ڦاڙيو يا جيڪو چاهيو ڪريو، انهن ئي حالتن ۾ ٻيا جلسو ڪري ويا، ان حد تائين وڃو جو توهان به برداشت ڪري سگهو، قومي مفاد اهو آهي ته آئين جو تحفظ ٿئي، هاڻي ائين نه هلندو جو رپورٽ پڪڙائي ڇڏيو توهان، اهڙا ڪهڙا دهشتگرد آهن جيڪي هنن تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا،

Leave A Comment