اوهان کي سنڌ واسين ووٽ ڏنا پر کين پيئڻ جو صاف پاڻي به نٿو ملي: جسٽس امجد علي سهتو جو سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان مڪالمو

اپريل 18, 2024

حيدرآباد( رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس امجد علي سهتو چيو آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، اوهان کي سنڌ واسين ووٽ ڏنا پر انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم نه ٿو ڪيو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ دادو ضلعي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ خلاف داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت لاڳاپيل عملدار وڪيلن معرفت پيش ٿيا

جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ۾ چيو ته  منڇر جي صفائي لاءِ اوهان کي 3 سئو ملين رپيا جاري ٿيا پر منڇر ۾ اڄ به زهريلو پاڻي موجود آهي ۽ وال کولڻ لاءِ فراهم ٿيل رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي،  اها ايڏي رقم ڪٿي خرچ ٿي اسان سڀ سمجهون ٿا

جسٽس شمس الدين عباسي چيو ته بلوچستان مان ايترو پاڻي آيو، جيڪڏهن منڇر جا دروازا کولي پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪيو ها تڏهن به زهريلو پاڻي نيڪال ٿي وڃي ها

هن چيو ته اوهان خيرپور ناٿن شاهه سميت ٻين علائقن ڏانهن پاڻي ڇڏي شهر ٻوڙايا ۽  عوام کي دربدر ڪيو پر منڇر جي صفائي نه ڪرائي سگهيا، جيتري ڪرپشن آبپاشي کاتو ڪري ٿو، ايتري شايد ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ٿيندي هجي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ ڪهڙو ڪئنال، واهه يا شاخون آهن،  جن جا بند مضبوط هجن

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته  چيف سيڪريٽري صاحب اوهان ٻڌايو ڀلا ان چيف انجنيئر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي، جنهن منڇر جي اهڙي حالت ڪئي، اوهان جي عملدارن خلاف ڪارروائي جو ڪنهن کي حڪم ڏيون، اسان جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن کي چئون ٿا اها انهن کي ڪلين چٽ ڏئي ٿي، نيب کي حڪم ڏيون ته اها کانئن پنهنجو حصو گهري ٿي

عدالت  چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان کي آر او پلانٽ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو ان تي ڪيترو عمل ٿيو؟ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه  چيو ته اسان 140 آر او پلانٽ فنڪشنل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻين پلانٽس تي به ڪم جاري آهي

 جوهي واسي آفتاب پنهور، نور احمد ۽ علي اڪبر پنهور وڪيل گلزار عالماڻي معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، هڪ سال اڳ لاڳاپيل عدالت دادو ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ لڳل غيرفعال آر او پلانٽ توڙي واٽر سپلاءِ جا تلاءُ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو

Leave A Comment