يوسف رضا گيلاني چيئرمين ۽ سردار سيدال ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويا، عهدن جو حلف کڻي ورتو

اپريل 9, 2024

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين ۽ مسلم ليگ (ن) جو سردار سيدال خان ناصر ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويو

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سينيٽ اجلاس ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏنا

سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ احتجاج ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي علي ظفر پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين ڪي پي ڪي مان سينيٽر نٿو اچي اهو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي

بعد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور نون چونڊيل سينيٽرن کي حلف ورتو، جنهن کانپوءِ ميمبرن رول آف ميمبرن تي دستخط ڪيا. آزاد سينيٽر چونڊيل فيصل واوڊا ۽ جي يو آءِ جي مولانا عبدالواسع سينيٽ جي ميمبرشپ جو حلف نه کنيو.

اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ 12.30 وڳي ٿيندي. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ صبح 11 وڳي ٿيندي، ان ڪري ڪاغذ صبح 11 وڳي کان اڳ سيڪريٽري سينيٽ آفيس ۾ جمع ڪرايا وڃن. سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ حڪومتي اتحاد جي اميدوار سيد دل خان ناصر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته ٻنهي اميدوارن مان ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا.

بعد ۾ پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني ۽ (ن) ليگ جي سردار سيدال خان بنا مقابلي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين چونڊيا ويا. پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني کان سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي جو حلف ورتو، جنهن کانپوءِ يوسف رضا گيلاني پنهنجي سيٽ تي ويٺو ۽ ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر کان حلف ورتو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جو بائيڪاٽ

پاڪستان تحريڪ انصاف سڀاڻي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ مطالبو ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي سينيٽرن جي ايوان ۾ موجودگي تائين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ملتوي ڪئي وڃي

سينيٽ ۾ پارٽي پوزيشن

سينيٽ ۾ هن وقت 42 ميمبر آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ 17 سينيٽرن سان وڏي پارٽي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي 10، (ن) ليگ 6، جي يو آءِ (ف) 3، بلوچستان نيشنل پارٽي هڪ، ايم ڪيو ايم 2، (ق) ليگ هڪ، بلوچستان عوامي پارٽي جا 10 ميمبر آهن. پارٽي جا 4، اي اين پي 2 ۽ 2 آزاد سينيٽر آهن.

Leave A Comment