About اعجاز منگي

اعجاز منگي سنڌ جو سينئر صحافي ۽ ڪالم نگار آهي. انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪندڙ اعجاز منگي گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي سنڌي ۽ اردوءَ ٻولين ۾ مسلسل لکي رهيو آهي. شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو ڄامشوري ۾ گذاريندڙ اعجاز منگي سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجي ادبي انداز، شاعراڻي ٻوليءَ ۽ انساني احساسن جي ڀرپور ترجمانيءَ جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اعجازمنگيءَ جي ڪالمن جا ٻه مجموعا ”انالحق“ ۽ ”مقتل مين محبت“ شايع ٿي چڪا آهن. اعجاز منگي ”پنهنجي اخبار“ جي ابتدا کان لاڳيتو لکي رهيو آهي.
Go to Top