سنڌ ۾ نعم البدل وارو سوال ۽ نواز ليگ جي سياست؟

نومبر 27, 2023

 نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ ملڪي ميڊيا ۾ هي بحث ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ته پڪ سان ايندڙ حڪومت نواز ليگ کي ملندي ۽ نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ نواز ليگ جا مرڪزي اڳواڻ پڻ بار بار اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن ته ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي هوندو. هاڻي نواز شريف جي آڏو صرف ڪجهه ڪيسن مان باعزت بري ٿيڻ جو مرحلو رهيل آهي. هتي هڪڙي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته نواز شريف پاڻ ۽ سندس پارٽي گذريل پنجن سالن کان چئي رهيا آهن ته نواز شريف تي ڪوڙا ۽ هٿرادو ڪيس آهن جن مان هُو جلد باعزت طريقي سان سوڀارو ٿي ويندو. پر الميو ته هي آهي جو هي جيڪا نگران وفاقي حڪومت آهي جيڪا صرف شاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آئي آهي تنهن جو گهرو وزير سرفراز بگٽي چئي ٿو نواز شريف تي ڪوڙا ڪيس هئا. ملڪ جي ڪا عدالت يا هن رياست جو ڪو ذميوار نگران وفاقي گهرو وزير کان ڪير پڇڻ جي جرئت ڪندو ته هن اهڙو بيان ڪهڙي حيثيت ۾ ڏنو آهي؟ جڏهن نواز شريف جا ڪيس ڪورٽن ۾ هلندڙ آهن ته نگران گهرو وزير کي اهڙي قسم جو بيان يا فتويٰ ڏيڻ جو اختيار يا هن کي اهڙو ڪو حق حاصل آهي؟ هاڻي جڏهن ملڪ ۾ نگران وفاقي گهرو وزير نواز شريف جي دفاع ۾ ان حد تائين ڳالهائي رهيو هجي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ شڪ ڇا پوري پڪ آهي ته ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي آهي.

نواز شريف جو واپس پاڪستان موٽڻ تي شاندار استقبال ڪرڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ نواز ليگ تمام وڏيون تياريون ڪيون. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ ته وڏي پئماني تي پارٽي عهدن تي تبديليون ڪيون ويون. نواز ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه کي هٽائي اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي نئون صدر مقرر ڪيو. بشير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نواز ليگ جو وفد نواز شريف جي استقبال لاءِ لاهور ويو. ياد رهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي هو. بقول هن جي ته عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ هن کي سڏائي شهباز شريف ۽ نواز ليگ جي ٻين اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ۽ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته،“شريف خاندان سوڌو اپوزيشن جي ٻين اڳواڻن خلاف هن وقت جيڪو ڪجهه نيب ڪري رهي آهي (2018ع کان 2022ع تائين)، اُهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مون کي چيو ويو هو. هڪ اعليٰ سطحي آفيس ۾ (پوءِ اڳتي هلي پاڻ اعتراف ڪيائين ته اها آفيس وزيراعظم عمران خان جي هئي) شهباز شريف، سندس ڪٽنب، رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر ۽ شاهد خاقان عباسي سوڌو ٻين خلاف ڪارروائي لاءِ زور ڀريو ويو، مون انڪار ڪندي چيو ته اهو ايف آءِ اي جي اختيارن ۾ نه ٿو اچي. مون کي لاهور موڪليو ويو جتي مون کي مواد ڏنو ويو پر مون اهو چئي انڪار ڪيو ته اهو صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪري سگهي ٿي ايف آءِ اي جو اختيار ناهي.“ بشير ميمڻ جي اهڙي موقف کي پوري ملڪي ميڊيا ۾ تمام گهڻي ڪوريج ملي. ان جو وڏو ۽ هڪ مکي سبب عمران خان جو اهو بيانيو هو، جنهن ۾ هن وڏي دعويٰ سان چيو هو ته آئون ادارن ۾ مداخلت نه ڪندس ۽ ادارن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو مثال قائم ڪندس ۽ ادارن کي پنهنجي مخالفن جي خلاف استعمال نه ڪندس. پر بشير ميمڻ جي انڪشافن عمران خان جي اهڙي بيانئي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. وڏي ڳالهه ته هن اهي ڳالهيون 2020ع جي آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڪيون هيون ۽ هاڻي اتفاق سان نومبر 2023ع آهي ۽ هاڻي بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي نه پر نواز ليگ سنڌ جو صدر آهي. يعني نواز ليگ جي جيڪا سياست سنڌ ۾ ٿي رهي آهي تنهن جي مهنداري بشير ميمڻ ڪري رهيو آهي.

هن وقت هر آئي ڏينهن بشير ميمڻ مختلف سياسي، سماجي ۽ قبيلائي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري انهن کي نواز ليگ ۾ شموليت جو دعوتون ڏئي رهيو آهي جنهن مان شڪارپور جو هڪ تڪراري ڪردار تيغو تيغاڻي پڻ آهي جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. جنهن تيزي سان بشير ميمڻ ملاقاتون ڪري رهيو آهي تنهن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 8 فيبروري 2024ع تي جيڪي چونڊون ٿينديون، تنهن ۾ سنڌ مان پيپلز پارٽي جو صفايو ٿي ويندو ۽ نواز ليگ سنڌ سطح تي هڪ اتحادي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته 2008ع کان وٺي 2023ع تائين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو نه صرف تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو آهي پر ڪرپشن جا نت نوان نسخا ۽ طريقا متعارف ڪرائي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي اسان ان کي هڪ خاص دور چئي سگهون ٿا، جنهن ۾ نه صرف ڪرپشن جا ماضي وارا ماڊل نمايان نظر اچن ٿا پر آصف زرداري جو هيٺ کان وٺي مٿي سطح تائين (يو سي کان ضلعي ۽ صوبي تائين) ڪرپشن جي نظام کي هڪ مربوت شڪل ڏيڻ ۽ ان ۾ بنيادي واڌارا ڪري تاريخ قائم ڪرڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته هُو ان پيشي ۾ نه صرف خاص مقام رکي ٿو پر گهڻن حوالن سان هڪ يگانو ڪردار پڻ آهي، جنهن تي تمام گهڻي تحقيق جي پڻ ضرورت آهي. ائين آصف زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رڳو ڪرپشن نه پر ميرٽ جي لتاڙ، بيروزگاري کي هٿي ڏيڻ، سنڌ جا سڀ وسيلا ۽ بجيٽون تين وال ڪرڻ، سنڌ جي وڏيراشاهي کي پنهنجي آڱرين تي هلائڻ، آفيسرن کي اشارن تي هلائڻ، ادارن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ سان گڏ ٻيا انيڪ اهڙا معاملا آهن، جن کي 2008ع کان وٺي اڄ تائين هڪ خاص دور ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، جنهن سنڌي سماج جا تاريخي قدر ۽ بنياد لوڏي ڇڏيا آهن. هاڻي هڪ 22 گريڊ جو رٽائرڊ ڪامورو بشير ميمڻ ان ئي سنڌي وڏيراشاهي کي پاڻ سان ملائي پيپلز پارٽي جو صفايو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي جيڪا 90 سيڪڙو آصف زرداري سان گڏ بيٺي آهي ۽ ٻيو ته آصف زرداري جا هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان معاملا جيڪي ٿورا گهڻا خراب آهن، تنهن جو به بنيادي سبب ڪرپشن وغيره نه پر ايندڙ وزارت اعظميٰ سان گڏ وفاقي حڪومت ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ تي آهي. آصف زرداري جي آخري خواهش پنهنجي حياتي ۾ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم جي ڪرسي تي ڏسڻ آهي، جنهن جو هُو هڪ ٻه دفعا اظهار ڪري چڪو آهي. هيڏانهن نواز ليگ ۽ خاص طور تي نواز شريف واپس اچي آصف زرداري جي گيم کي صفا خراب ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري جيڪو ڪجهه آصف زرداري سوچي شهباز شريف کي 16 مهينن جي لاءِ وزيراعظم بڻائڻ جي حامي ڀري هئي، اهو سڀ ڪجهه عملي طرح نه ڏسندي پريشان آهي. هاڻ سوچيو بينظير ڀٽو جنهن پنهنجي حياتي ۾ خط لکي ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته منهنجا قاتل جنرل مشرف، برگيڊيئر اعجاز شاهه ۽ پرويز الاهي هوندا. بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ جنرل مشرف کي پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي گاڊ آف آنر ڏئي گهر موڪليو ويو ۽ ان کانپوءِ به هو 15 سال حياتي رهيو هو، پيپلز پارٽي هن کان بينظير جي قتل جو ڪهڙو حساب ڪتاب ورتو؟ برگيڊيئر اعجاز شاهه نه صرف عمران خان جي حڪومت ۾ ڪيترن عهدن تي رهيو پر آخر ۾ وفاقي گهرو وزير به ٿي گذريو پيپلز پارٽي هن کي ڪا سزا ڏياري سگهي؟ ان کان به وڏي ڳالهه ته پرويز الاهي کي ڊپٽي وزيراعظم ڪري رکيو. ڇا اهڙي قسم جي سياست ۽ اخلاقيات رکندڙ شخص سان ڪو سياسي مقابلو ڪري سگهجي ٿو جڏهن هُو ايتري پاور فُل پوزيشن تي پڻ ويٺل هجي؟ تنهن ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو نعم البدل سنڌي وڏيراشاهي نٿي ٿي سگهي جيڪا گذريل پندرنهن سالن کان پيپلز پارٽي ۾ ويٺي آهي، جنهن کي هڪ الڳ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ جي لاءِ بشير ميمڻ هٿ پير هڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ نواز ليگ جو نعم البدل سنڌ وڏيراشاهي جيڪا مختلف دورن ۽ حڪومتن ۾ شامل رهي آهي اها ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ ان وڏيراشاهي جو نعم البدل يوسي سطح کان وٺي ضلعي ۽ پوري صوبي تائين عوام دوست ۽ وطن سياست ۽ فڪر سان سلهاڙيل عوام ۽ ان جا نمائندا ٿي سگهن ٿا ۽ اهي ٿيندا، جيڪا منزل هن وقت شايد گهڻن کي پري نظر ايندي هجي پر حقيقت ۾ ايتري پري ناهي ڇو ته سنڌ جا ست ڪروڙ عوام گذريل 75 سالن کان هڪ عذاب وري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ ويجهڙ جي ويهه سالن ۾ ان عذاب ۾ تاريخي واڌارو ٿيو آهي، جو هاڻي عوام کي ٻه ويلا ماني جا ملڻ مشڪل نه پر ناممڪن بڻجي رهيا آهن ۽ اهو ناممڪن هر شئيءِ کي ممڪن بڻائي سک جو ساهه کڻندو!

[email protected]

Leave A Comment